سائينم سدائيم ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين .  (شاهه صاحب)

سنڌي لائف ڊاٽ ڪام              هڪ مڪمل سنڌي ويب سائيٽ آن لائن

 

اشتهار



سنڌي لائف اسلام ڪارنر

å  واپسي                                    å مکيه صفحي ڏانهن واپسي

ختم نبوت

 

هر مسلمان جو هي عقيدو آهي ته حضورصه الله جي طرفان آخري رسول ۽ نبي آهن، انهن کان پوءِ ڪوبه نبي نه ايندو اگر ڪو نبي هجڻ جي دعويٰ ڪري ته اهو ڪوڙو آهي ڇو جو الله تعاليٰ فرمايو.مَاکَانَ مُمَمّدُاَبَااِحدِ مِنۡ رِجَالِکُمۡ وَلَاکِنۡ رّسُوۡلَ اللهِ وَ خَاتَمَ الَنبيّنَ.  ترجمو: محمد صه توهان مردن مان ڪنهن جو به پيءُ نه آهي مگر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جو خاتمو (END) آهي (سورت الاحزاب:40)

جئين هڪ معتبر حديث ،حضرت جابر بن عبدالله انصاري کان نقل ٿيل آهي ته حضور فرمايو ؛ ” نبين جي درميان منهنجي مثال اهڙي آهي جئين ڪنهن شخص هڪ خوبصورت محل تعمير ڪيو مگر صرف سِرَ جي جڳهه خالي ڇڏي ڏني جنهن جي ڪري جيڪو به شخص ان محل کي ڏسي ٿو اهو ائين چوڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته ڇا خوبصورت محل آهي ! مگر هڪ سِرَ جي جڳهه خالي آهي ،بس آئون ئي اها آخري سِرَ آهيان ۽ سڀني نبين جو سلسلو مون تي ختم ٿي ويو “ حوالا (تفسير مجمح البيان ،بخاري شريف ،کتاب المناقب باب خاتم النبين) ٻئي جڳهه ت حضور جناب اميرالمومنين حضرت علي ابن ابيطالب عليه السلام کي مخاطب ٿي فرمائين ٿا.ياعلي انت مني بمنزلته هارون من موسيٰ الا انته لا نبي بعدي (صحيح بخاري) ترجمو: اي علي اوهان جي مون سان اها ئي نسبت آهي جيڪا هارون جي حضرت موسيٰ سان هئي مگر هي ته مونکان بعد ڪو به نبي نه ايندو ان ڳالهه تي تمام اهلبيت سڳورن ۽ صحابي رضه سڳورن جو اجماع هو. ته حضور صلعم کان پوءِ  ٻيو نبي نٿو اچي سگهي اهوئي سبب آهي جو اگر حضور صه کان پوءِ ڪنهن نبوت جي دعويٰ ڪئي ته اهلبيت عله ۽ صحابي سڳورن رضه ان جي خلاف جهاد ڪيو ۽ ان کي پنهنجي انجام تائين پهچايو.

 

 

مينيو

ايڊيٽر پاران

سنڌي ٻولي

سنڌي لائف مقصد

سنڌي لائف پاليسي

سنڌي لائف ٽيم

ٻيون ٺاهيل ويب

ويب هوسٽنگ

سافٽ ويئر

اسان سان رابطو

القرآن

ڪلڪ ڪريو

سنڌي ڪارڊ

ڪلڪ ڪريو

ويب هوسٽنگ

Cool Site Award

ڪلڪ ڪريو

                                             Copyright © 2006-2007 Sindhilife.com , All rights reserved.