|
ملائڪ ملڪ جي جمع آهي جنهن جي معنيٰ آهي قصد يا
پيغام پهچائڻ وارو، شرعي اصخلاح ۾ ملائڪ الله تعاليٰ جا احڪامم
بندن ڏانهن
کڻي ايندا آهن ۽ اجري ڪندا آهن. ان لاءِ انهن کي ملائڪ چئبو
آهي .
ملائڪن جو وجود؛
ملائڪن تي ايمان آڻڻ دين جي بنيادي عقيدن مان آهي فرشتن جي
وجود ۽ انهن جي حوالي ڪيل ڪمن جي باري ۾ گهڻيون ئي آيتون وارد
آهن ان مان خبر پوي ٿي ته هي الله تعالي جي تابع مخلوق انهن
کان ڪوبه وڏو يا ننڍو گناهه سرزد ناهي ٿيندو انساني پيدائش جي
وقت به فرشتا موجود هئا ۽ انهن فرمنبرداري جي جذبي سان الله
تعاليٰ کي عرض ڪيو ته زمين تي خليفو (انسان) پيدا ڪرڻ جي ضرورت
ناهي اسين سڀ حڪم مڃڻ لاءِ تيار آهيون پر الله تعاليٰ فرمايو ”
جيڪي آئون ڄاڻان ٿو اهو توهان نٿا ڄاڻو فرشتن جي مخلوق اطاعت ۽
عبادت لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي، ارشاد باري تعاليٰ آهي.
وَيُسَبِّحُوۡنَهۡ وَلَهۡ يَسۡجُدُوۡنَ
ترجمو: ”
فرشتا الله تعاليٰ جي پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ ان (خدا) جي سامهون
سجدو ڪن ٿا.“ |