|
- مرد يا عورت، جنهن کي به
صبح جي وقت نوڪريءَ تي وڃڻو هجي، انهن کي وقت بچائڻ لاءِ ۽
پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ صبح جي تياري، رات جي وقت ئي ڪري ڇڏڻ
گهرجي. مثال جي طور تي بوٽ رات جو پالش ڪرڻ گهرجن. ڪپڙا رات جو
ئي استري ڪري هينگر تي ٽنگڻ گهرجن. عورتون ميچنگ زيور وغيره
ڪپڙن جي ڀرسان ئي ڪڍي رکن، رومال، جوراب، ٽائي ۽ ضرورت جون سڀ
شيون، رات جي وقت هڪ ئي هنڌ ڪڍي رکن ته صبح جو آرام ۽ سڪون سان
وقت تي آفيس پڄي سگهبو.
- دريون صاف ڪرڻ وقت پردا
لاهڻ جي بجاءِ، پردن جي ريلنگ ۾ هينگر ٽنگي پردو ان هينگر تي
ٽنگي ڇڏيو ۽ صفائيءَ کانپوءِ پردو هينگر تان لاهي هينگر هٽائي
ڇڏيو.
- پردا ڌوئڻ وقت انهن جا هڪ
ڪڍي الڳ ڪبا آهن ۽ واپس لڳائڻ وقت ياد نه رهندو آهي ته ڪيترا
هڪ لڳل هئا. ان لاءِ پردن مان هڪ ڪڍڻ وقت انهن جاين تي نيل
پالش سان نشان هڻي ڇڏيو ته ڀل نه ٿيندي.
- بورچي خاني ۾ اڪثر ڪم ڪرڻ
دوران منڊيون لاهي رکبيون آهن ۽ انهن جي وڃائجڻ جو يا ڀڄي پوڻ
جو انديشو رهندو آهي. ان کان بچڻ لاءِ بورچي خاني ۾ ڪنهن
نمايان جاءِ تي سيفٽي پن لڳائي ڇڏيو ۽ منڊيون لاهي ان ۾ وجهي
پن بند ڪري ڇڏيو. ڪم ختم ڪري، واپس، بنا پريشانيءَ جي منڊيون
کڻي پائي ڇڏيو.
- جيڪڏهن بورچي خاني يا باٿ
روم جو نلڪو ٽپ ٽپ جي آواز سان وهدنو هجي ته پهرين ته ان کي
جلد کان جلد ٺهرائڻ جي ڪوشس ڪريو. پر جيستائين اهي ٺهن
تيستائين ان نلڪي ۾ بلڪل سري تي هڪ ڏوري ٻڌي ڇڏيو ته پاڻي ڦڙو
ڦڙو ٿي ڪرڻ جي بجاءِ ان ڏوريءَ جي ذريعي وهي ويندو ۽ ان آواز
کان به نجات ملندي.
- ڪولڊ ڊرنڪس جون خالي
بوتلون اڪثر اڇلايون وينديون آهن. انهن کي به وري استعمال ڪري
سگهجي ٿو. بوتلن جو تري وارو حصو مختلف سائيز ۾ ڪٽيو. ڪو پيالي
جي سائيز جو ته ڪو گلاس جي سائيز جو. هاڻي انهن ڪٽيل حصن تي يا
ته رنگ ڪريو يا ڪو سهڻو ڪاغذ ويڙهيو. پوءِ انهن ٿانون کي ڪوڪن
جي مدد سان ڪاٺ جي ننڍي تختي تي هڻو. ان تختي تي به رنگ ڪريو
يا رنگين ڪاغذ چاڙهيو. اهڙي طريقي سان هڪ ٻه يا ٽي ٿانو تيار
ڪري ڪاٺ جي تختي تي هڻو هاڻي توهان جي مرضي آهي ته بورچي خاني
۾ ڇرين ۽ چمچن لاءِ استعمال ڪريو. باٿ روم ۾ برش ۽ پيسٽ وغيره
لاءِ، ڊريسنگ ٽيبل تي ڦڻيون، برش ۽ ميڪ اپ جو سامان رکڻ لاءِ،
رائٽنگ ٽيبل تي پينون ۽ ٻيو سامان رکڻ لاءِ يا وري سلائيءَ جو
سامان رکڻ لاءِ. (بوتلون پلاسٽڪ جون هجن)
- پراڻا ڪريڊٽ ڪارڊ هميشه
ڪٽي پرزا پرزا ڪري پوءِ اڇلايو. انهن کي ڪڏهن به سڄو نه اڇلايو.
- جيڪڏهن گهر ۾ فينسي بتيون
۽ فانوس لڳل هجن ۽ گهر کي رنگ ڪرائڻو هجي ته انهن بتين ۽
فانوسن تي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ويڙهي ڌاڳا ٻڌي ڇڏيو ته اهي رنگ
جا داغ لڳڻ کان محفوظ رهنديون ۽ رنگ ٿيڻ کانپوءِ اهي کولي ڇڏيو.
- اڄ ڪلهه گهڻو ڪري هر گهر ۾ سي ڊيز موجد آهن.
انهن مان جيڪي خراب يا بيڪار ٿي وڃن ته انهن کي اڇلايو نه پر
انهن کي ٻيهر استعمال ڪريو. جيڪڏهن توهان کي ٿوري گهڻي به
پينٽنگ اچي ٿي ته انهن تي مختلف ڊزائين پينٽ ڪري انهن کي فريم
جي فور تي گهر ۾ سجايو. پر جيڪڏهن توهان کي پينٽنگ نه ٿي اچي
ته ڪا ڳالهه ناهي. ڪنهن پراڻي رسالي مان ڪو خوبصورت ڊزائين ڪٽي
انهن کي هڻو. يا رنگين ڪاغذن سان پاڻ ئي ڪا ڊزائين تخليق ڪريو.
سڀ کان آسان طريقو اهو آهي ته گهرجي ڀاتين جون تصويرون گول شيپ
۾ ڪٽي سي ڊيز تي هڻو ۽ ڀت تي لڳايو. سي ڊيز کي ٽنگڻ لاءِ ڪو
ٿلهو ڌاڳو يا سنهي ڏوري. سي ڊيءَ جي پويان ”يو“ (U)
شيپ ۾ رکو ۽ ان جي مٿان ڪپڙي يا ڪاغذ جي ٽڪري تي گلو هڻي. اهو
ٽڪرو چنبڙايو، ته ٽنگڻ جي لاءِ هڪ ٺهي پوندو. وائيٽ جرمن گلو
سڀ کان بهتر آهي. سي ڊيءَ جو وزن بلڪل گهٽ ٿيندو آهي. ان ڪري
ڌاڳو ان جو بار جهلي ويندو. ٻيو ته ڌاڳي کي پورو ڪور ناهي ڪرڻو
بلڪ ان جي کليل حصن کي ڍڪڻو آهي ۽ ڳنڍيل حصي کي کليل ڇڏڻو آهي.
- کاڌي پچائڻ واري تيل جا يا
گيهه جا خالي دٻا به تمام سهڻي نموني ٻيهر استعمال ڪري سگهجن
ٿا. انهن تي به يا ته پينٽنگ ڪريو يا رنگين ڪپڙو يا رنگين ڪاغذ
تمام صفائيءَ سان ويڙهيو. بچيل يا پراڻيون ليسون يا پٽيون به
انهن تي سجاوٽ لاءِ ويڙهي سگهجن ٿيون. هاڻي انهن دٻن کي پنهنجي
مرضيءَ جي مطابق استعمال ڪريو. جيڪڏهن توهان کي سلائيءَ جو شوق
آهي ته ان ۾ سلائيءَ جو سامان رکو يا انهن کي ميگزين هولڊر
ٺاهيو ۽ روزانو ايندڙ اخبارون ۽ رسالا ان ۾ رکو. يا پنهنجي
ڪمري ۾ ڪچري ٽوڪريءَ جي طور تي استعمال ڪريو. ڪمرن جو ڪچرو
جيئن ته آلو نه ٿيندو آهي ان ڪري اهو ٽين جي دٻن کي خراب نه
ڪندو. جيڪڏهن اهي دٻا ٻارن جي ڪمري ۾ رکو ته ٻار پنهنجا ننڍا
ننڍا رانديڪا به انهن دٻن ۾ رکي سگهن ٿا. ٻارن جي ڪمري ۾ اهي
دٻا رکڻ لاءِ انهن تي ٻارن جي پسند جا ڊزائين مثلن ڪارٽون
وغيره هڻو. بازار ۾ ڪارٽون وارا پيپر عام ملن ٿا. انهن مان
ڪارٽون ڪٽي دٻن کي سجايو. جيڪڏهن گهر ۾ ٻار جي سالگره هجي ته
ٻارن کي ڊرنڪس ڏيڻ لاءِ گلاس پاڻ ٺاهيو. ڪاغذ جا گلاس وٺي انهن
تي ٻارن جي پسند جا اسٽڪر لڳايو يا رنگين مارڪر سان هر گلاس تي
هر ٻار جو نالو لکو. ٻار انهن گلاسن ۾ شربت يا پاڻي پي ڏاڍا
خوش ٿيندا.
- جيڪڏهن توهان جي گهر جون
ڏاڪڻيون ڪشاديون آهن ته انهن جي هر ڏاڪي تي ڪونڊيون رکي ڏاڪڻين
کي سجايو.
- گهر ۾ جن به ڪونڊين ۾ گل
ٻوٽا لڳل هجن ته انهن ڪونڊين کي مختلف رنگن سان رنگيو ته وڌيڪ
سهڻيون لڳنديون.
- توهان جي ڪپڙن تي لڳل گج
جيڪڏهن پراڻا ٿي وڃن ته انهن کي اڇلايو نه. انهن مان ڪشن به
ٺاهي سگهجن ٿا ۽ انهن کي فريم ڪرائي ڀتين جي زينت به بڻائي
سگهجن ٿا.
- جيڪڏهن توهان کي آر جو ڪم
ايندو هجي ته بچيل ڌاڳن مان آر جا گل ۽ پن ٺاهي ڪنهن ڪپڙي تي
ترتيب سان لڳايو ۽ فريم ڪرائي گهر ۾ هڻو. ڪنهن سهڻي تصوير کان
گهٽ سهڻو نه لڳندو.
- ٻارن ۾ ننڍي هوندي کان ئي
بچت جي عادت وجهو. ان لاءِ انهن کي پنهنجي هٿن سان ڀانڊارو
ٺاهي ڏيو. جيم جي ڪا خالي بوتل کڻو. ان کي ٻار جي پسند جي رنگ
سان رنگيو. يا پسند جي ڪاغذ ويڙهيو. يا صرف ڪارٽون وارا اسٽڪر
هڻو. بوتل جي ڍڪ کي لازمي آئل ڪلر سان رنگ ڪريو ته جيئن ان تان
ڪمپنيءَ جو نالو مٽجي وڃي. پوءِ رنگ سڪڻ کانپوءِ ڍڪ ۾ ڇريءَ
سان ڊگهو چير ڏيو ته جيئن ٻار ان ۾ پئسا وجهي سگهن. ائين ته
بازار ۾ هر شيءِ ملي ٿي پر جيڪا شيءِ توهان ٻارن کي پنهنجي هٿ
سان ٺاهي ڏيندؤ ته اها هو سڀني کي فخر سان ڏيکاريندا ۽ ان مان
توهان جي محبت محسوس ڪندا. ننڍيون ننڍيون ڳالهيون زندگيءَ تي
وڏا وڏا اثر ڇڏينديون آهن.
- هنر مند هٿ ڪنهن به عام
شيءِ کي خاص بڻائي سگهن ٿا. آزمائش شرط آهي. گهڻن گهرن ۾ ٻار
دٻن وارو خشڪ کير پيئدا آه. انهن دٻن مان ٽين جو هڪ سنهو تهه
نڪرندو آهي. اهو ٽين جو ٽڪرو تمام ڪارائتو آهي. اهي ٽين جا
ٽڪرا گڏ ڪري ۽ پوءِ انهن مان گل ۽ پن ٺاهي، ڪنهن پاٺي تي ڪارو
ڪپڙو چاڙهي، اهي گل ۽ پن خاص ترتيب سان ان تي هڻو ۽ پاٺي کي
فريم ڪرائي گهر ۾ هڻو. اهي گل ڪڏهن به نه ڪومائبا ۽ سدائين
چمڪندا رهندا. |